ڏنديو ڏندي

ڏنديو/ ڏندي (مڇي): هيءَ سامونڊي ڇيلري مڇي اڇي رنگ جي ٿيندي آهي. هن جا ڇلر چلڪڻا اڇا ٿيندا آهن. هيءَ ننڍين مڇين ۾ شمار ٿئي ٿي. هن مڇيءَ جو جسم ويڪرو وڌيڪ آهي، اُن جو منهن ويڪرو، ڪنهڙ بت وٽان وڏو ۽ منهن وٽ سوڙهو هوندو آهي، جنهنڪري بي ڊولي لڳندي آهي. پڇ وکريل، مٿئين ڪنڊي تي جھاليدار کنڀڙ ڪنهڙ واري حصي کان هلي پڇ تائين پکڙيل ٿين ٿا. هيٺ مقعد واري جاءِ تي به وڏو پنک پکڙيل ٿئي، جڏهن ته هيٺين پاسي به چڱو وڏو کنڀڙ لهرائيندو نظر ايندو آهي. پاسن کان منڍيءَ وٽ ٻنهي پاسي هڪ هڪ کنڀڙ ٿئي ٿو. هيءَ ننڍي مڇي 9 کان 12 انچ ٿئي ٿي، جنهن جي تور ٽي پاءُ کان سوا ڪلو ٿئي ٿي. هيءَ مڇي سمنڊ جي چاڙهه تي لاڙ وارن علائقن ۾ ملي ٿي. کائڻ ۾ لذيذ آهي. هن جو قد بت اهو ئي رهي ٿو، آني ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو